پلي فقير محمد اسماعيل ”قاسم“

پلي فقير محمد اسماعيل ”قاسم“

فقير محمد اسماعيل قاسم پلي

فقير محمد اسماعيل ’قاسم‘ پلي: الحـاج فقـيــر محمـد اسماعيـل ’قاسم‘ پلي، سلطان پليءَ جو فرزند هو ۽ 1891ع ڌاري ڳوٺ ’عطائي پليءَ‘ ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾ سير سفر، شڪار ۽ زمينداريءَ ڏانهن مائل هو. بعد ۾ فقيري، چِلي ڪَشي ۽ مراقبن ۾ گذاريائين. وقت جي مشهور مشائخن سان رهاڻيون ڪيائين. ملتان جي مخدومن جو مريد هو. سندس وڏن خليفن ۾ شمار ٿيندو هو. هن جون پنهنجي دور جي شاعرن- مل محمود پلي، مهدي شاهه ميرواهي، فقير ولي محمد لغاري، محمد فقير کٽياڻ، خوش خير محمد هيسباڻي ۽ صوفي روشن الدين سان ڪافي صحبتون رهيون. سندس شاعري فن ۽ فڪر جي لحاظ کان مٿانهين آهي. 1973ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قلمي بياض موجود آهي. سندس سوانح ۽ ڪلام تي دين محمد ’سجاڳ‘ ايم. اي سنڌيءَ لاءِ مونوگراف لکيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ موجود آهي ۽ سندس ڪلام جو مڪمل ڪليات، ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ مرتب ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو